حڪومت جو هڪ ٻيو ٽيڪس لڳائڻ جو منصوبو، آءِ ايم ايف کان اجازت گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اين 25 شاهراهه جي منصوبي کانپوءِ هڪ ٻئي وڏي منصوبي لاءِ نئون ٽيڪس لڳائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
ذريعن موجب، حڪومت اسلام آباد ۾ ميڊيڪل ڪمپليڪس اڏڻ چاهي ٿي ۽ ان لاءِ ميونسپل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کان اسلام آباد ۾ نئون ٽيڪس لڳائڻ جي اجازت گهري آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف حڪومت کان نئين ٽيڪس بابت وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا آهن.
ذريعن موجب، ميڊيڪل ڪمپليڪس جي اڏاوت تي 213 ارب رپيا خرچ ايندو، ۽ منصوبي کي ميونسپل ٽيڪس ذريعي مڪمل ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.
مالياتي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي 3 سالن دوران منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊن جي کوٽ آهي، ان ڪري هنگامي فنڊ مان 30 ارب رپيا جاري ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
ناڻي واري وزارت منصوبي کي پي ايس ڊي پي جو حصو بڻائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته 76 ملين ڊالر پانڊا بانڊز مان امڪاني منافعو به منصوبي لاءِ استعمال ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته منصوبو لاءِ شروعاتي طور تي 3.5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪمپني قائم ڪرڻ ۽ عملي جي ڀرتي تي خرچ ٿيندا.
وفاقي وزير احسن اقبال ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو ته منصوبي لاءِ پي ايس ڊي پي کان ٻاهر فنڊنگ جي تجويز ڏني ويندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان بچيل رقم کي قومي شاهراهه اين 25 (ڪوئيٽا کان ڪراچي) جي اڏاوت ۽ بهتري تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.