” ڪنهن کي نه ڇڏيندس“ چاهت فتح علي خان جو مٿس آنن سان حملو ڪندڙن خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ چاھت فتح علي خان جو مٿس آنن سان حملي واري وائرل ٿيڻ وڊيو وائرل کانپوءِ سندس ردعمل سامهون آيو آهي.
سوشل ميڊيا تي مزاحيه انداز ۾ ڳائڻ ذريعي شهرت ماڻيندڙ چاھت فتح علي خان جي مٿان لنڊن ۾ هڪ ڪيفي ٻاهران آنن سان حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ھن هڪ وڊيو ۾ واقعي جو پس منظر بيان ڪيو آهي.
چاھت فتح علي خان چيو ته مون تي آنن سان حملو ٿيو، پهرين هڪ همراهه اچي آنو اُڇليو ۽ پوءِ هڪ ٻيو ڇوڪرو آيو جنهن جي هٿ ۾ به آنو هو ۽ اِهو مون کي وهائي ڪڍيو.
وڊيو ۾ ھن هڪ عورت ۽ هڪ مرد جو نالو وٺندي چيو ته ”مان توهان جو ريسٽورنٽ بند ڪرائيندس “
چاھت فتح علي خان وڌيڪ چيو ته ”مون کي پهرين سي سي ٽي وي نه ڏني وئي هئي، جيڪڏهن مون وٽ ثبوت هجي ها ته مان تڏهن ئي پوليس اسٽيشن وڃا ها، پر هاڻي مون وٽ ثبوت آهي ۽ مان توهان کي عدالت ۾ وٺي ويندس.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.