سچن بي سي سي آءِ جي صدارتي ڊوڙ ۾ شامل؟ ليجنڊري ڪرڪيٽر خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جو صدر بڻجڻ بابت هلايل خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ اعليٰ عهديدارن لاءِ چونڊون ڪرائڻ وارو آهي، جنهن کان اڳ ٽنڊولڪر جي ايندڙ امڪاني صدارتي اميدوار طور افواهه گردش ڪري رهيا هئا.
هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته بي سي سي آءِ ليجنڊري بيٽر کي صدر مقرر ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته هڪ ٻي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته سچن ٽنڊولڪر راجر بني جي جاءِ والاري سگهي ٿو.
پر هاڻي سچن ٽنڊولڪر سڀني افواهن کي واضح طور رد ڪري ڇڏيو آهي،
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سچن ٽنڊولڪر بي سي سي آءِ جي صدارتي چونڊن ۾ حصو نه وٺندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.