اسرائيل جو قطر تي حملو امن ڳالهين نقصان رسائڻ جي ڪوشش آهي: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قطري امير سان ملاقات ۾ دوحا تي اسرائيلي حملي کي کليل جارحيت قرار ڏيندي مسلم امت جي اتحاد تي زور ڏنو.
هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته قطر تي اسرائيلي حملو عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان قطر تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز سريف اسرائيلي جارحيت خلاف قطر سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ دوحا جو هنگامي دورو ڪيو. وزيراعظم اسرائيلي اڳرائيءَ خلاف امت مسلمه جي متحد ٿيڻ تي زور ڏنو ۽ قطري امير کي ٻڌايو ته پاڪستاني قوم برادر ملڪ قطر سان ڪلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان غزا ۾ اسرائيلي بربريت جي به مذمت ڪري ٿو، پاڪستان فلسطيني تڪرار جو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل چاهي ٿو.
هن چيو ته وزيراعظم قطري قيادت کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ يڪجهتي جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ قطر هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. وزيراعظم شهيدن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.
شفقت علي خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اسرائيل جي وچ اوڀر ۾ اڳرائيءَ جي سخت مذمت ڪئي ۽ مسلم جي اتحاد تي زور ڏنو. وزيراعظم غزا ۾ امن لاءِ قطر جي تعميري ۽ ٽياڪڙي واري ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اسرائيل طرفان ٽياڪڙي ڪرائيندڙ ملڪ کي نشانو بڻائڻ امن ڳالهين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
ترجمان موجب، قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورٽليو 8 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. مرات نورٽليو 13 رڪني اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان پهتو. قازق وزيراعظم صدر ، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ سهڪار بابت ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ملڪن لوجسٽڪس ۽ ٽرانسپورٽ وسيلي علائقائي لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ قازقستان جي پرڏيهي وزارتن وچ ۾ ”ايڪشن پلان آف ڪوآپريشن“ تي صحيحون پڻ ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.