حب ڪينال ۽ ”شاهراهه ڀٽو“ جو لڙهي وڃڻ ڪرپشن جو زندهه مثال آهي:جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصان تي دلي افسوس جو اظهار ڪندي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو متاثر ٿيل ماڻهن جي ريسڪيو، امداد ۽ بحالي وارين سرگرمين کي تيز ڪري. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ نيو حب ڪينال کان پوءِ تازو اربين رپين سان تعمير ٿيل ”شاهراه ڀٽو“ جو وهجي وڃڻ حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن جو زنده مثال آهي. هي رڳو شاهراه ڀٽو يا نيو حب ڪينال جي ڳالهه ناهي، پر ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ جي حالت ساڳي آهي. مراد علي شاهه جي حڪومت گذريل ڏهن سالن ۾ رڳو ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. پيپلزپارٽي جي گذريل سترنهن سالن کان لاڳيتو صوبي ۾ حڪومت هجڻ باوجود هن جديد دور ۾ به سنڌ جا ماڻهو صاف پاڻي، صحت، تعليم سميت زندگي جي بنيادي سهولتون کان به محروم آهن.  سنڌ ۾ اٽڪل 60 لک ٻار اسڪول نٿا وڃن. موسميات کاتي پاران طوفاني برساتن بابت اڳواٽ اطلاع ڏيڻ باوجود حڪومت اگهور ننڊ ۾ سُتل رهي ڪاشف سعيد شيخ سنڌ حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته شاهراه ڀٽو ۽ نيو حب ڪينال جي ٺيڪيدارن توڙي سندن سهولتڪاري ڪندڙ سرڪاري آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.