ڪراچي( رپورٽر )سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ واري صورتحال تي نظر رکيون ويٺي آهي ۽ هر سطح تي هڪ گڏيل حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت ۽ سمورا کاتا ڏينهن رات نگراني ۽ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، بئراجن ۽ دريائن تي پاڻي جي سطح کي لڳاتار چيڪ ڪيو پيو وڃي ته جيئن وقت کان اڳ احتياطي اپاءَ ورتا وڃن، هن چيو ته هي هڪ قومي ايمرجنسي آهي جنهن کي حڪومت اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي سگهي، ان لاءِ عوام جو سھڪار تمام ضروري آهي، ماڻهن کي انتظاميه ۽ بچاءُ وارن ادارن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ گهرجي، افواهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به ايمرجنسي ۾ ويجهي مرڪز يا هيلپ لائن سان رابطو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر ذاتي طور تي انهن آپريشن جي نگراني ڪري رهيا آهن ۽ متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت جو مقصد رڳو عارضي امداد ڏيڻ نه پر متاثر علائقن جي بحالي ۽ مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ مستقل قدم کڻڻ آهي.هن چيو ته ٽرمو تي پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آهي، پنجند تي وڏي درجي واري ٻوڏ آهي، جڏهن ته گڊو ۽ سکر بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي ۽ ڪوٽڙي تي گهٽ درجي واري ٻوڏ آهي.هن چيو ته گذريل 36 ڪلاڪن دوران ڪچي جي علائقن مان 2375 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي،