اسلام آباد(سهراب برڪت)نيپالي صحافڻ نرمتا شرما ٻڌايو آهي ته نيپال ۾ انقلاب اچڻ جو هڪ وڏو سبب ڪرپشن هو،. نيپال جي فوج پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جهڙي نه آهي. جڏهن نوجوان روڊن تي نڪتا ته نيپال جي آرمي چيف پاڻ نوجوانن ڏانهن پيغام موڪليو ۽ درخواست ڪئي ته اوهين ڊائلاگ لاءِ اچو، گڏجي "نگران حڪومت” ٺاهيون پوءِ چونڊون ڪرائي نئين حڪومت قائم ڪئي ويندي.سوشل ميڊيا تي اڳ ئي هڪ خاموش انقلاب جوڙجڪ وٺي رهيو هو. نيپالي عوام ڪرپٽ سياستدانن جي بدعنواني کان تنگ ٿي چڪا هئا. ساڳيا چهرا بار بار حڪومزندگي، برانڊڊ ڪپڙا ۽ جوتن ڏسي عوام جي ت ڪري رهيا هئا. انهن جي عياشانه ڪاوڙ وڌي رهي هئي.نيپالي عوام چئي رهيا هئا ته اسان کي اهي سڀ شيون ناهن گهرجن، اسان کي ملڪ جي ترقي، تعليم ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ روزگار گهرجي. اسان ملڪ لاءِ ريمٽنس موڪليون ٿا، ٽيڪس ادا ڪريون ٿا، پر اهو سڀ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو.اها ئي ڳالهه ماڻهن ۾ شديد غصي جو سبب بڻي.
-
نيپال جي اڳوڻي چيف جسٽس سوشيلا ڪرڪي عارضي حڪومت سنڀالڻ تي رضامند
کٽمنڊو(م ڊ) نيپال جي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس سوشيلا ڪرڪي عارضي حڪومت سنڀالڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، گذريل هفتي نيپالي حڪومت سوشل ميڊيا جي وڏين ويب سائيٽن تي پابندي لڳائي هئي، جنهن بعد نوجوانن طرفان مظاهرا شروع ٿيا، جن کي “جين زي انقلاب” جو نالو ڏنو ويو، نيپال ۾ ٿيل هنگامن ۽ وڳوڙن دوران 34 ماڻهو مارجي ويا، سوين زخمي ٿيا ۽ ڪيترين ئي سرڪاري عمارتن کي باهه ڏني وئي.
-
سياستدانن جي ٻارن جي ”شاهاڻي زندگي“ ماڻهو مڇرائي ڇڏيا!
کٽمنڊو(م ڊ) نيپال ۾ سياستدانن جي ٻارن جي شاهاڻي زندگي احتجاجي تحريڪ جو سبب بڻي، حڪومت خلاف پرتشدد هنگامن ۽ احتجاجي تحريڪ جو بنيادي ڪارڻ نوجوان نسل، خاص طور تي جنريشن زي جي ڪاوڙ هو، جيڪي وڌندڙ بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت باوجود سياستدانن جي ٻارن يعني نيپو ڪڊز جي شاهاڻي زندگي ڏسي جذباتي ٿي پيا، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ ايڪس تي لکين وِيوز سان گڏ هئش ٽيگ #PoliticiansNepoBabyNepal ۽ #NepoBabies وائرل ٿي ويا، وائرل پوسٽن ۾ عام نيپالي عوام جي غربت ۽ قدرتي آفتن ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي ڏيکاريندي انهن جو مقابلو سياسي خاندانن جي ٻارن جي مهانگين ڪارن، ڊزائنر بيگز ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلون گذارڻ سان ڪيو ويو، شوشل ميڊيا تي شرنخلا کتيواڙا (اڳوڻي مس نيپال ۽ صحت واري وزير بيرودھ کتيواڙا جي ڌيءَ کي اشرافيه جي علامت طور سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، سندس گهر کي باهه ڏني وئي ۽ انسٽاگرام تي هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز گهٽجي ويا.