دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن جو چوڻ آهي ته پاڪ–ڀارت مقابلو هميشه دلچسپ هوندو آهي، ٻنهي ٽيمَن ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جو سخت مقابلو ٿيندو.
دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڀارتي ٽيم ڏاڍي پُراعتماد نظر اچي رهي آهي، آچر واري مقابلي ۾ ٽاس اهم ڪردار ادا ڪندو.
مائيڪ هيسن چيو ته دبئي جي پچ شارجا کان ڪجهه مختلف آهي، پچ جو جائزو وٺڻ به گيم جو حصو آهي، اسان وٽ ملٽي اسڪلز رانديگر موجود آهن.
هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته دبئي جي پچ بيٽنگ لاءِ وڌيڪ سازگار لڳي رهي آهي، ويجهڙائي ۾ پاڪستاني بيٽنگ لائين ۾ به بهتري آئي آهي.
هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن اهو به چيو ته شارجا جي ڏکي پچ تي به پاڪستاني بيٽرن شاندار بيٽنگ ڪئي هئي.
You might also like