لکنئو(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) اٽڪل هڪ ڪروڙ 11 لک رپين کان وڌيڪ جا ڪيلا خريد ڪرڻ تي ڏچي ۾ پئجي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب،ڀارتي رياست اتر پرديش جي هاءِ ڪورٽ بي سي سي آءِ کي هڪ ڪروڙ 11 لک رپين کان وڌيڪ جي مبينا فنڊ جي غلط استعمال تي نوٽيس جاري ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سي اي يو جي آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها غيرمعمولي رقم رانديگرن کي فروٽ کارائڻ تي خرچ ڪئي وئي، جن ۾ ڪيلا شامل آهن.
جسٽس منوج ڪمار تيواري هن معاملي جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي.
درخواستگذار سنجي راوت ۽ ٻين جي ڪيس تي ايندڙ ٻڌڻي ايندڙ جمعي 19 سيپٽمبر تي مقرر ڪئي وئي آهي.
درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته کاڌي جي نالي تي ڪروڙين رپين جو غلط استعمال ڪيو ويو، رانديگرن کي رڳو ڪيلا ۽ پاڻي ڏيڻ تي وڏي رقم خرچ ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي معاملو ڪرڪيٽ فنڊن جي شفاف استعمال ۽ گورننس بابت شڪ شبها پيدا ڪري ٿو.
ڪرڪيٽرن لاءِ ڪروڙين ماليت جا ڪيلا خريدڻ تي ڀارتي بورڊ ڏچي ۾، معاملو عدالت پهچي ويو
You might also like