اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي امداد جي آڇ ڪئي آهي.
بنگلاديش جي مذهبي معاملن بابت صلاحڪار اي ايف ايم خالد حسين وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ چيف ايڊوائيزر محمد يونس جو خط سندس حوالي ڪيو.
پاڪستان ۾ بنگلاديش جو هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان به ان ملاقات ۾ موجود هو.
بنگلاديش جي صلاحڪار پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان کي امداد جي آڇ پڻ ڪئي.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي موجوده رفتار برقرار رکڻ لاءِ اعليٰ سطحي دورن تي اتفاق ڪيو ويو، ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن ۾ سڌي ريت اڏامن جي جلد بحالي جي معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويو.
بنگلاديشي صلاحڪار وزيراعظم شهباز شريف کي بنگلاديش جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
Next Post
You might also like