اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان ڀارت سان هر قسم جي واپار تي پابندي جي باوجود ڀارت مان اڻ سڌي درآمد جو انڪشاف ٿيو آهي.
واپار واري وزارت جي ذريعن موجب، آگسٽ 2025 ۾ ڀارت مان پاڪستان جون اڻ سڌي درآمد 3 ڪروڙ 20 لک ڊالر رڪارڊ رهيون، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 37 سيڪڙو وڌيڪ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آگسٽ 2024 ۾ ڀارت مان پاڪستاني درآمدن جو مقدار 2 ڪروڙ 33 لک ڊالر هو، جڏهن ته موجودا حڪومت جي ڍيڍ سال دوران ڀارت مان سالياني اڻ سڌي درآمدن ۾ 7 ڀيرا واڌ ٿي آهي.
واپار واري وزارت موجب، مارچ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2024 ۾ ڀارت سان سالياني بنيادن تي اڻ سڌي درآمدن ۾ واڌارو ٿيو، جڏهن ته آڪٽوبر 2024، فيبروري ۽ مارچ 2025 ۾ به ساڳي صورتحال رهي.
ذريعن موجب، پاڪستان مئي 2025 ۾ ڀارت سان هر قسم جي واپار تي پابندي لڳائي، اهو قدم ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ کان پوءِ کنيو ويو هو، پاڪستان ڀارتي شين جي ٽئين ملڪن وسيلي درآمد تي به پابندي لڳائي هئي.
ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان آگسٽ 2019 ۾ ڀارت سان واپار معطل ڪيو هو، پر بعد ۾ ڪجهه نرميءَ ڪندي زندگي بچائيندڙ دوائن جي واپار جي اجازت ڏني وئي هئي.
You might also like