ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان جي انتظاميا طرفان جلالپور پيروالا شهر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ملتان–اُچ شريف روڊ تي قائم گيلاني بند ۾ گهارو هنيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، بند کي ڌماڪي سان نه پر ’مڪينڪل طريقي‘ سان کوليو ويو آهي.
علائقي جي ڊپٽي ڪمشنر موجب، گيلاني بند ۾ گهارو هڻڻ سان جلالپور پيروالا جي شهر ۽ اٽڪل پنج لک آبادي کي بچايو ويو آهي.
سندن چوڻ هو ته بند کولڻ کانپوءِ ٻوڏ جو پاڻي هاڻي بهادرپور اتر، بهادرپور ڏکڻ ۽ بستي لانگ ڏانهن رخ ڪندو، جڏهن ته موضع ڪنهو، بستي صبيره ۽ ڪنڊير جا زرعي علائقا به ٻوڏ سبب متاثر ٿيندا.
هن ٻڌايوته جن علائقن ڏانهن ٻوڏ جو پاڻي وڌي رهيو آهي، اُتي اٽڪل 80 هزار ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو هو، جنهن سبب کين اڳواٽ علائقي مان ڪڍي ڇڏيو ويو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گيلاني بند ۾ گهارو کان پوءِ جلالپور پيروالا ۾ پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته جلالپور پيروالا جي ڀرپاسي ڳوٺ 86 ايم بند تي صبح ڇهين وڳي کان ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جتي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا وزير ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جي نگراني ڪري رهيا آهن.
مريم اورنگزيب متاثر علائقن مان لڏپلاڻءِ پاڻ اسپيڪر ذريعي اعلان پڻ ڪيا.
ملتان: جلال پور پيرو والا کي بچائڻ لاءِ گيلاني بند کي گهارو، ضلعي انتظاميا جي ” شهر ۽ پنج لک آبادي کي بچائڻ“ جي دعويٰ
You might also like