اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي مامرن واري وزارت ٻوڏ سبب حج پانڌيئڙن جي رجسٽريشن جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب، وزارت جي پورٽل تي رجسٽريشن جاري آهي، جتي پهرين خانگي اسڪيم جي حج پانڌيئڙن لاءِ 8 سيپٽمبر تائين رجسٽريشن جو وقت ڏنو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 21 هزار خواهشمند رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن، خانگي حج آپريٽرن جي ڪوٽا ۾ گذريل سال حج کان رهجي ويل پانڌيئڙن کي ترجيح ڏني ويندي.
ذريعن موجب، خانگي آپريٽر بچيل ڪوٽا تي نيون درخواستون وصول ڪري سگهندا، پانڌئيڙا گذريل سال جمع ڪرايل رقم تي بنا ڪنهن واڌو خرچ جي حج ادا ڪري سگهندا، جڏهن ته خانگي آپريٽرزِ به گذريل سال جي حج پانڌيئڙن کي بنا واڌو رقم جي حج تي وٺي وڃڻ جا پابند آهن.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪي پانڌيئڙا گذريل سال رقم واپس وٺي چڪا آهن، اُهي هاڻي گذريل سال واري پئڪيج تي حج ادا نه ڪري سگهندا.
You might also like