وزيراعظم جي قطري امير سان ملاقات: ” وچ اوڀر ۾ اسرائيلي اڳرائيءَ کي روڪڻو پوندو“ شهباز شريف

دوحا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات دوران دوحا ۾ اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته امت کي اسرائيلي اڳرائيءَ جي مقابلي ۾ پنهنجي صفن ۾ اتحاد جي ضرورت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف خميس ڏينهن قطري امير سان ملاقات لاءِ دوحا پهتو.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، شهباز شريف اسرائيلي حملي کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وزيراعظم قطري قيادت کي بنا سبب اڳرائيءَ خلاف پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم هائوس موجب، قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات دوران شهباز شريف چيو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي جاري جارحيت کي روڪڻو پوندو ۽ امت کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم هائوس موجب، قطري امير، يڪجهتي جي اظهار لاءِ دوحا جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو.
ياد رهي ته اسرائيل 9 سيپٽمبر تي قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ فلسطين جي مزاحمتي تحريڪ حماس جي اعليٰ قيادت کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ ڪئي هئي.
حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو ته اسرائيلي حملي ۾ حماس جي اعليٰ قيادت محفوظ رهي، پر ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه خليل الحيا جي صلاحڪار ۽ پٽ سميت 5 ماڻهو شهيد ٿي ويا.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي فون ڪري قطر تي حملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جو دوحا تي حملي جو فيصلو غير دانشمنداڻو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.