ٻوڏ ۾ ڪچي جا 15 لک ماڻهو متاثر ٿيا،اڃا تائين ڪو به حڪومتي رليف ڪئمپن ۾ ناهي پهتو: پي ڊي ايم اي سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽئين ڏينهن به هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي.
موسميات کاتي موجب، برساتن جي موجوده سلسلي دوران سڀ کان وڌيڪ سرجاني ٽائون ۾ 143 ملي ميٽر ۽ گهٽ ۾ گهٽ جناح ٽرمينل تي 38 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته هن وقت برساتن جو سلسلو سنڌ مان نڪري بلوچستان جي علائقن اوڙ ماڙه ۽ پسني ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
هوڏانهن، ٿڌ ڊيم مان آيل پاڻي سبب سعدي ٽائون، شهباز ڳوٺ، لياري ۽ ملير ندي جي هيٺاهين علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ملير ندي جا ٻئي ڪاز وي بند هئڻ سبب هزارين ماڻهن کي واحد ڄام صادق پل وٽان گذرڻو پئجي رهيو آهي، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته شاهراهِه ڀٽو جو رڳو 20 ميٽر حصو ٻوڏ وڪري ۾ لُڙهي ويو آهي، ان حصي جو اڏاوتي ڪم هلندڙ هو.
هن وضاحت ڪئي ته هاڻي شاهراهِه ڀٽو جا ٻه فيز ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن، ٽيون فيز تي اڏاوتي ڪم جاري آهي، جتان روڊ متاثر ٿيو، اتان گيس لائين گذري ٿي، اتان ئي پاڻي داخل ٿيو ۽ 20 ميٽر حصو لُڙهي ويو جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو.
صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) جو چوڻ آهي ته تازي ٻوڏ صورتحال سبب ڪچي جا اٽڪل 15 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، پر اڃا تائين ڪو به ماڻهو حڪومت طرفان لڳايل رليف ڪئمپن ۾ ناهي آيو .
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سکر بئراج جي گنجائش 15 لک ڪيوسڪ هئي، هاڻي 10 دروازا بند ٿيڻ بعد اها 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي آهي، حڪومت ان جو جائزو وٺي رهي آهي ته سکر بئراج جي گنجائش وڌائي وڃي.
مراد علي شاهه چيو ته ٿڌو نالو اوور ٽاپ ٿيو ۽ پاڻي سپر هاءِ وي تي اچي ويو، جيڪو سپر هاءِ وي مان ٿيندو سعدي ٽائون تائين پهتو. 2020ع کان پوءِ اسان نالو ٺاهيو هو پر ايم-نائين تي پاڻي جي ڪراسنگ جو مسئلو آهي، اتي ڪٽنگ جي اجازت ناهي، ان لاءِ چيو آهي ته پاڻي کي ڪراسنگ ڏني وڃي هي ان جي رستي ۾ رنڊڪ پيدا ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.