پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٻئي اقتصادي جائزي جو شيڊيول طئي ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٻئي اقتصادي جائزي لاءِ شيڊيول طئي ٿي ويو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جو وفد 25 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين دورو ڪندو، پهرئين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪي ۽ ٻئي مرحلي ۾ پاليسي سطح جون ڳالهيون ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد جون ناڻي، توانائي، منصوبابندي واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ، ايف بي آر، اوگرا ۽ نيپرا سميت ٻين ريگيوليٽري ادارن ۽ وزارتن سان به ڳالهيون ٿينديون.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد جون پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي قيادت سان سان ڌار ڌار گڏجاڻيون ٿينديون.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ڪلائميٽ فنانسنگ معاهدي تحت 28 مهينن ۾ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملڻا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.