ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر وقاص مقصود انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وقاص مقصود جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ وٺڻ واري فيصلي جو اعلان ڪيو.
فيصل آباد سان تعلق رکندڙ وقاص مقصود 2011 کان 2023 تائين 81 فرسٽ ڪلاس، 56 لسٽ-اي ۽ 68 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون.
وقاص مقصود نومبر 2018 ۾ دبئيءَ ۾ نيوزيلينڊ خلاف واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي هئي.
وقاص مقصود پاڪستان لاءِ کيڏيل واحد ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ 1.5 اوورن ۾ 21 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون هيون.
You might also like