ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ مسلسل واڌ بعد اڄ سون جي قيمت ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون 4100 رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک84 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 3 هزار 515 رپيا لاٿ بعد 3 لک 29 هزار 218 رپيا آهي.
اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 36 ڊالر گهٽتائي بعد 3618 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like