دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ جون ٽڪيٽون سستيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب، ايشيا ڪپ ۾ 14 سيپٽمبر تي دبئي ۾ شيڊيول پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو سلسلو جاري آهي، پر ٽڪيٽن جي کپت اميد کان گهٽ آهي.
رپورٽ موجب، ٽڪيٽن جي طلب ۾ گهٽتائي کانپوءِ اتنظاميا ٽڪيٽن جون قيمتون گهٽائي ڇڏيون آهن ۽ هاڻي پاڪ-ڀارت ميچ جي ٽڪيٽ 475 درهم مان گهٽائي 350 درهم ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پريميئم انڪلوزر جون گهڻي قدر سيٽون اڃا خالي آهن ۽ اتنظاميا ميچ کان اڳ هڙئي ٽڪيٽون وڪڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڪرڪيٽ شوقين پاڪ-ڀارت ميچ جون ٽڪيٽون مهانگيون هئڻ جي شڪايت ڪئي هئي.