اسرائيلي حملو: وزيراعظم هنگامي دوري تي قطر پهچي ويو، يو اَي اِي جو صدر دوحا ۾ موجود، سعودي ولي عهد جي به آمد جو امڪان

دوحا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي حملي کانپوءِ قطر عالمي سطح تي اهميت اختيار ڪري ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف هنگامي دوري تي قطر پهچي ويو، متحده عرب امارتن جو صدر دوحا ۾ موجود آهي جڏهن ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان طرفان به اڄ قطر اچڻ امڪان آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن سان گڏ هنگامي دوري تي قطر جي راڄڌاني دوحا پهتو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، بچاءُ وارو وزير خواجا آصف، سڌ سماءُ وارو وزير عطاالله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ قطر پهتا آهن.
شهباز شريف جي قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ٿيندي، پاڪستان اڳ ئي اسرائيلي جارحيت خلاف اسلامي ۽ عرب ملڪن جي گڏيل ردعمل لاءِ قطر ۾ ڪانفرنس جو شريڪ منتظم بڻجڻ جي آڇ ڪري چڪو آهي.
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو به اڄ دوحا جو دورو متوقع آهي، سعودي ولي عهد جو قطر جو دورو اڳواٽ طئي ٿيل نه هو.
هوڏانهن متحده عرب امارتن جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان به قطر پهتو آهي. اردن جو ولي عهد حسين بن عبدالله به گذريل ڏينهن قطر جو دورو ڪيو هو.
قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمٰن الثاني آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته اسرائيلي حملي يرغمالين جي آزاديءَ جون سڀ اميدون ختم ڪري ڇڏيون آهن، حماس تي اسرائيلي حملي سبب يرغمالين جو مستقبل اونداهو ٿي ويو آهي، نيتن ياهو کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.
ياد رهي ته اسرائيل 9 سيپٽمبر تي قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ فلسطين جي مزاحمتي تحريڪ حماس جي اعليٰ قيادت کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ ڪئي هئي.
حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو ته اسرائيلي حملي ۾ حماس جي اعليٰ قيادت محفوظ رهي، پر ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه خليل الحيا جي صلاحڪار ۽ پٽ سميت 5 ماڻهو شهيد ٿي ويا.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي فون ڪري قطر تي حملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جو دوحا تي حملي جو فيصلو غير دانشمنداڻو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.