ملير ندي ۽ ٻيا قدرتي پاڻي لنگهه پنهنجا قبضا واپس پيا وٺن:حفيظ بلوچ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ ڪارڪن ميان ضامن عباس ڪلهوڙي ٽوئيٽ ڪيو ته شاهراهه ڀٽو بابت هاڻ ڪوڙو هلندو نه، هي ڪٽ پاڻ لڳايو ويو آهي۔ ۽ هتي روڊ اڃا کوليو ئي نه ويو آهي، اهو اڃا تعمير هيٺ آهي۔ پاڻيءَ جو دٻاءُ ٽوڙڻ لاءِ هي ڪٽ لڳايو ويو آهي جنهن تي ماحوليات دوست ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻ حفيظ بلوچ کيس جواب ڏنو ته ڪوڙو اوترو ئي بولو، جيترو ان کي ثابت به ڪري سگهو ـ هي ڪو ڪٽ ناهي، درياهه پنهنجي وهڪرن سان پاڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هي منهنجو رستو آهي ۽ اوهين قبضاگير آهيو۔ اڃا ته ملير درياهه ۾ رڳو پنجاهه سيڪڙو پاڻي آيو آهي، جيڪڏهن سئو سيڪڙو پاڻي آيو ته اوهانجي هن اژدهي کي ڪٽ نه ڏيندو، پر اُڏائي کڻي ويندو۔،جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان لکيو ته هي آهي اهو ”سسٽم“ جيڪو 18 سالن کان سنڌ تي مڙهيل آهي۔ هن سسٽم کي ڪراچي سميت سڄي سنڌ تي مڙهڻ وارن کي به هاڻي جواب ڏيڻو پوندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.