ڪراچي(رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو آهي ته جيئن راوي درياهه پنهنجو قدرتي رستو واپس ورتو، تيئن ملير ندي به پنهنجو زمين واپس ورتو ۽ شاهراهه ڀٽو کي پاڻ سان ٻوڙي وئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن واري برسات سبب ٿيل نقصان تي پيپلز پارٽي جي صوبي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڀٽو جو نالو ڪرپشن سان ڀريل ۽ ناقص منصوبن تي استعمال ڪرڻ پيپلز پارٽي جو اصل هنر آهي. ايم ڪيو ايم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت شاهراهه ڀٽو جي تعمير ۾ عالمي ادارن جي ماحولياتي جائزي کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو. جيئن راوي درياهه پنهنجو قدرتي رستو واپس ورتو، تيئن ملير ندي به زمين خالي ڪرائي ۽ شاهراهه ڀٽو کي پاڻ سان گڏ وهايو. ايم ڪيو ايم وڌيڪ چيو ته 12 ارب رپين جي لاڳت سان ٺهيل نيو حب ڪينال 12 هفتا به قائم نه رهي سگهي.