ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته دريائن ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪچي وارن علائقن مان رهواسين کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي. ٻوڏ سبب امڪاني طور متاثر ٿيندڙ ڪچي وارن علائقن مان گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4881 ماڻهو محفوظ جڳهن تي منتقل ٿي ويا آھن، جڏهن ته هن وقت تائين مجموعي طور 146,492 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي چُڪا آھن.هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ سرڪار طرفان قائم ڪيل 163 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ سينٽرن وسيلي گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5,296 ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون،