بلاول ڀٽو جا دوري دوران پ پ اڳواڻن سان اختلاف پڌرا ٿي ويا، هٿ به نه ملايو!

سکر(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر بئراج جي دوري ۽ پريس ڪانفرنس دوران پيپلزپارٽي ۾ ڌڙا بندي نظر آئي، اڳوڻو اسپيڪر سراج دوراني،علينواز خان مهر، نادر مگسي، امتياز شيخ سميت ڪيترائي اڳواڻ الڳ بيٺل رهيا، پريس ڪانفرنس دوران صرف وڏي وزير مراد علي شاھ، جميل سومرو، ناصر شاھ، اڪرام ڌاريجو،سهيل انور سيال ۽ ڄام خان شورو کانسواءِ ٻين کي ويجهو اچڻ نھ  ڏنو ويو، بئراج جي دوري  دوران به ساڻن بلاول گڏ وٺي ويو، تفصيل مطابق سکر ۾ پ پ چيئرمين جي سکر بئراج جي دوري ۽ پريس ڪانفرنس دوران پيپلزپارٽي جي ڪجهھ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن سبب پريس ڪانفرنس دوران اڪثر اڳواڻ پري بيٺل رهيا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس شروع ڪئي ته صرف مراد علي شاھ، سهيل انور سيال، جميل سومرو، اڪرام ڌاريجو ،سيد ناصر شاھ ۽ ڄام خان شورو گڏ بيٺل رهيا جڏهن پ پ جي فارورڊ بلاڪ ۾ مبينا طور سمجها ويندڙ نادر مگسي، اڳوڻو اسپيڪر سراج دوراني، سردار علي نواز خان مهر، امتياز شيخ ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ چيئرمين کان پري نظر آيا جڏهن ته سکر بئراج جي دوري دوران به انهن اڳواڻن کي ويجهو نه اچڻ ڏنو ويو جنهن سبب پ پ چيئرمين بئراج جي دوري بعد گاڏي ۾ بغير انهن اڳواڻن سان هٿ ملائڻ جي هليو ويو ۽ پ پ  چيئرمين جو ڪافلو گذرڻ بعد راجا خان علي نواز مهر ۽ ٻيا اڳواڻ الڳ واپس روانا ٿي ويا.ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته پيپلزپارٽي ۾ گروپ بندي هجڻ ڪري انهن پ پ اڳواڻن کي چيئرمين کان پري رکيو ويو آهي، چيو وڃي ٿو ته پ پ پاران گهوٽڪي جي مهر ڀائرن کي حڪومت ۽ وزارتن ۾ نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي اسپيڪر سراج دوراني ۽ امتياز شيخ، نادر مگسي کي پڻ فارورڊ بلاڪ ۾ شامل هجڻ ڪري نظرانداز ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.