وزيراعظم ڪراچي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو نوٽيس ورتو، ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو نوٽيس وٺندي متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ٻوڏ کي ڏسندي امدادي ڪارروائين لاءِ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سان مڪمل سهڪار جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته عوام کي ٻوڏ جي صورتحال کان آگاهه رکڻ لاءِ آگاهي مهم کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ شهري ٻوڏ کان بچي سگهن.
سندس چوڻ هو ته ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت مڪمل طور متحرڪ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.