ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي ڄام ڳوٺ وٽان شاهراهه ڀٽو جو هڪ حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي ويو.
پاڻي ملير ندي جي وچ ۾ تعمير ٿيندڙ شاهراهه ڀٽو کي گهارو هڻي ٻئي پاسي نڪري ويو، پاڻي اچڻ سبب شاهراهه ڀٽو کي ڪيترائي فوٽ ويڪرو گهارو لڳي ويو.
علائقي واسين موجب ملير ندي اندر شاهراهه ڀٽو جي تعمير سبب پاڻي جو لنگهه سوڙهو ٿي ويو آهي، جڏهن پاڻي ملير ندي ۾ پهتو ته شاهراهه ڀٽو ان کي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ان کي گهارو لڳي ويو.
You might also like