ڪراچي ۾ برسات سبب وڪيل ۽ سائل عدالتن ۾ نه پهچي سگهيا

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ جاري برسات سبب عدالتي ڪارروائين ۾ ڏکيائيون پيش ٿيڻ لڳيون، ڪراچي بار ايسوسيئيشن سمورن ڊسٽرڪٽ ججن کي پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته برسات جي ڪري شهر ۾ ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي آهي، وڪيلن ۽ سائلين کي عدالتن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪراچي بار جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو وڪيل برسات سبب پنهنجي ڪيس ۾ حاضر نه ٿي سگهي ته سندس غير موجودگي ۾ ڪيس جو فيصلو نه ڪيو وڃي، بار ايسوسيئيشن ججن کي اپيل ڪئي آهي ته برسات جي حالتن کي نظر ۾ رکندي وڪيلن کي رعايت ڏني وڃي ته جيئن انصاف جي عمل ۾ ڪا رنڊڪ پيدا نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.