حڪمران برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن: صنعان قريشي

ڪراچي/ ملير (رپورٽر/پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سنڌ ۾ پوندڙ لاڳيتي برسات جي سلسلي ۾ چيو آهي ته برسات سڄي سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪراچي جا قديمي ڳوٺ، مُک شاهراهون پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ٺٽي، سجاول، بدين کان سامونڊي پٽي جا لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ڪوهستان ۽ ڪاڇي ۾ برسات سبب پلون ٽٽي پيون آهن رستا بند ٿي ويا آهن، لکين ماڻهن جا شهرن کان زميني رستا ڪٽجي ويا آهن جنهن سبب لکين ماڻهو بُک، کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ کي مُنهن ڏئي رهيا آهن، ٿر سميت سڄي سنڌ جي ساڳي صورتحال آهي پر حڪمران رڳو پريس بريفنگ ۽ اجلاسن ۾ پورا آهن، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو وهڻ زندگي ۽ خوشيالي جو سبب آهي پر ڪچي کان پڪي تي آباد ٿيل لکين ماڻهن کي سرڪار رهائڻ لاءِ ڪو بندوبست نه ڪري سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.