ڇا حڪومت کي آئينو ڏيکارڻ جو دور ويو جو ”جنگ“اداريو هٽائي ڇڏيو؟صحافي

ڪراچي (ع آ نيوز) اخباري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي هڪ وڏي اردو اخبار ’روزانه جنگ‘ گذريل ڏينهن ۽ ڪالهه به بنا اداريي( ايڊيٽوريل) جي شايع ٿيڻ تي صحافتي حلقن حيرت جو اظهار ڪيو آهي. روزاني جنگ پاڪستان جي سڀ کان پراڻي اردو اخبار آهي، جنهن جو بنياد 1939ع ۾ رکيو ويو. ان جي شروعات اخبار جي باني مير خليل الرحمان ٻي عالمي جنگ دوران 1939ع ۾ دهليءَ مان ڪيو هو.تنهن هوندي به، ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جنگ اخبار جو ادارتي سيڪشن پڙهندڙن لاءِ هڪ اهم فورم رهيو آهي، جتي ملڪي ۽ بين الاقوامي حالتن، سياست، سماجي مسئلن، ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي سنجيده ۽ بامقصد راءِ پيش ڪئي ويندي هئي. سينيئر صحافي محمود شام جنگ اخبار ۾ اداريي جي بندش تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سوشل ميڊيا سائيٽ  فيس بُڪ تي لکيو ته اڄ اردو صحافت جي 200 سالن جي تاريخ ۾ اردو جي سڀ کان وڏي اخبار جنگ اداريي کانسواءِ شايع ٿي آهي. هن هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيو خبر ته هلي وئي هئي، هاڻ اداريو به ويو، وقت جي مزاج کي پرکڻ وارو آئينو به ختم ٿي ويو. صحافي شاهين صهبايي ايڪس (Twitter) تي پوسٽ ڪئي ته جنگ اخبار کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اڄ ميڊيا ۾ هڪ انوکي ڳالهه ڏٺي، سڀ کان وڏي اخبار ’جنگ‘ مان ادارتي صفحي تان اداريو ئي غائب آهي! هن لکيو ته ڇا سڀ ايڊيٽر موڪلن تي هليا ويا آهن يا حڪومت جي تعريف ڪرڻ لاءِ ڪا موضوع ئي ناهي مليو؟ افسوس ٿو ٿئي، مان به 11 سال هن گروپ ۾ ڪم ڪيو، پر اهڙو ڪڏهن نه ڏٺو! صحافي ۽ پروڊيوسر احتشام الحق لکيو ته جنگ اخبار اداريي کانسواءِ شايع ٿيي. اداريي جو مقصد عام طور تي حڪومت کي آئينو ڏيکارڻ هوندو هو. هاڻ اهو سڀ ڪجهه نه رهيو، ته اداريي جي ڪهڙي ضرورت؟ صحافي ثاقب بشير ايڪس تي پوسٽ ۾ سوال ڪيو ته حيرت جوڳي ڳالهه آهي، جنگ اخبار جو ايڊيٽوريل ڇو غائب آهي؟ سينيئر صحافي غضنفر عباس ايڪس تي لکيو ته روزاني جنگ اڄ اداريي کانسواءِ شايع ٿيو آهي. ملتان جي صحافي رضي الدين رضي موجب ٻوڏ روزاني جنگ جو اداريو به ٻوڙي ويو. پاڪ نيوز جي ايڊيٽر اِن چيف سينيئر صحافي اظر سيد لکيو  جنگ اخبار جي بنا اداريي جي اشاعت تي غم نه ڪريو، پرنٽ ميڊيا جي فاتحه خواني جي تياري ڪريو. جڏهن هاڪر ئي ختم ٿي ويا ته اداريي جو ڪهڙو فائدو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.