واٽس ايپ چيٽس ۾ لائيو فوٽوز موڪلڻ جي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي

مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن تحت واهپيدار هاڻ لائيو فوٽوز پنهنجي اصل حالت ۾ موڪلي سگهندا.
لائيو فوٽوز عام تصويرن کان مختلف هوندا آهن، ڇو ته انهن ۾ هڪ اسٽل فوٽو سان گڏ ڪجهه سيڪنڊن جي وڊيو ۽ آواز به شامل هوندو آهي، جنهن سان تصوير جاندار محسوس ٿيندي آهي.
ان کان اڳ واٽس ايپ تي موڪليون ويندڙ لائيو فوٽوز رڳو اسٽيل تصوير جي صورت ۾ نظر اينديون هيون، جڏهن ته واهپيدار انهن کي رڳو (GIF) ۾ تبديل ڪري موڪلي سگهندا هئا پر ان ۾ معيار گهٽ ۽ آواز شامل نه هوندو هو.
نئين فيچر ذريعي هاڻ لائيو فوٽو وصول ڪندڙ جڏهن تصوير گيلري ۾ محفوظ ڪندو ته ان جي اصل حالت برقرار رهندي.
آءِ او ايس واهپيدارن کي اينڊرائيڊ جا موشن فوٽوز لائيو فوٽو جي صورت ۾ ملندا ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن کي آءِ او ايس لائيو فوٽوز موشن فوٽوز جيان نظر ايندا.
ان فيچر تحت واهپيدار چاهين ته گيلري يا ايڊيٽر ۾ تصوير کي اسٽل اميج جي صورت ۾ به موڪلي سگهن ٿا.
في الحال اها سهولت ڪجهه آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ جاري ڪئي وئي آهي پر واٽس ايپ اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ اپ ڊيٽس ۾ ان کي وڌيڪ واهپيدارن تائين پهچايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.