ياماها پاڪستان ۾ موٽر سائيڪل ٺاهڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪمپني طرفان اسپيئر پارٽس جي فراهمي جاري رهندي.
ياماها موٽر پاڪستان (پرائيويٽ) لميٽيڊ پنهنجي واهپيدارن جي نالي جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته ڪمپني پاڪستان ۾ موٽر سائيڪلن جي مينوفيڪچرنگ بند ڪري رهي آهي.
ياماها طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بزنس پاليسي ۾ تبديلي سبب پاڪستان ۾ موٽر سائيڪلن جي تياري جو عمل معطل ڪيو پيو وڃي.
بيان موجب ڪمپني پاليسي تحت واهپيدارن کي مستقبل ۾ اسپيئر پارٽس جي فراهمي يقيني بڻائيندي ۽ ان مقصد لاءِ ياماها موٽر پاڪستان کان منظور ٿيل ڊيلرز وٽ مناسب اسٽاڪ موجود هوندو، وارنٽي ۽ ڪسٽمر سپورٽ موجوده اسڪيم موجب جاري رهندي.
ڪمپني پنهنجي واهپيدارن جي ورهين جي حمايت ۽ اعتماد تي ٿورا مڃيا آهن.
Prev Post
You might also like