اسرائيل جو قطر ۾ حماس جي اعليٰ قيادت تي حملو، سينيئر اڳواڻ خليل الحيه شهيد

دوحا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل قطر تي فضائي حملو ڪري والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي سينيئر ترين اڳواڻ خليل الحيه کي شهيد ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فضائيا دوحا ۾ حماس جي اعليٰ قيادت کي نشانو بڻايو.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فضائي حملي ۾ حماس جو سينيئر اڳواڻ خليل الحيه شهيد ٿي ويو.
حماس جي ذريعن موجب فضائي حملي وقت حماس جي ڪيترن ئي اڳواڻن جو اجلاس جاري هو ۽ اجلاس ۾ حماس اڳواڻ غزا جنگبندي جي حوالي سان آمريڪي صدر جي تجويز تي غور ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.