ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله سينيٽر چونڊجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله سينيٽر چونڊجي ويو.
اڱاري ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ سينيٽ جي ضمني چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي، رٽرننگ آفيسر موجب ن ليگ اميدوار راڻا ثناءُ الله پنجاب مان جنرل سيٽ تي ڪامياب ٿي ويو آهي.
حڪومتي اتحادي راڻا ثناءُ الله جي حق ۾ 250 ووٽ پيا، جڏهن ته هڪ ووٽ رد ٿيو.
اها سيٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعجاز چوڌري جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿي هئي.
اعجاز چوڌري جي ڌيءُ سلميٰ اعجاز پي ٽي آءِ جي اميدوار هئي پر پي ٽي آءِ آخري وقت ۾ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ ووٽنگ جي عمل حصو نه ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.