تعليمي ادارن ۾ منشيات بابت ڪيس: ٻارن جا لنچ باڪس چيڪ ڪرڻا پوندا: هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تعليمي ادارن مان منشيات جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج ريمارڪس ڏنا ته ٻارن جا لنچ باڪس چيڪ ڪرڻا پوندا ته ڪا شئي ٻاهران ته نه پئي اچي؟
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راجا انعام امين منهاس تعليمي ادارن مان منشيات جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت گهرو وزارت، اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ اسلام آباد پوليس کي جنوري کان سيپٽمبر 2025 تائين جي اڳڀرائي رپورٽ ٻن هفتن ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پوليس جنوري کان 22 اپريل 2025 تائين جي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن موجب اسلام آباد جي مختلف علائقن مان 244 ڪلو گرام هيروئن ۽ 126 ڪلو گرام چرس برآمد ڪيو ويو، 689 ڪيس داخل ٿيا ۽ 709 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
گهرو وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي اسڪولن ۾ آگاهي مهم به هلائي وئي آهي.
جسٽس راجا انعام امين منهاس ريمارڪس ڏنا ته رڳو آگاهي سان ڪم نه هلندو پر اثرائتي مانيٽرنگ به ضروري آهي، ٻارن جا لنچ باڪس چيڪ ڪرڻا پوندا ته ڪا شئي ٻاهران ته اندر نه پئي اچي.
عدالت قرار ڏنو ته ايس ايڇ اوز جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجي علائقي جي نگراني ڪن.
پرائيويٽ اسڪولز ريگوليٽري اٿارٽي (پيرا) جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نجي اسڪولن کي به ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻه هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.