دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو ايشيا ڪپ جي فارميٽ کي چيلينجنگ قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪا به ٽيم غير معمولي پرفارم ڪري سگهي ٿي.
دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سوريا ڪمار يادو چيو ته اسان ٽي ٽوئنٽي فارميٽ گهڻي وقت کانپوءِ کيڏي رهيا آهيون ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هتي سٺو پرفارم ڪيون.
پاڪ – ڀارت ميچ بابت سوال تي هن چيو ته جذبات ته راند جو حصو آهن، رانديگر وٽ جوش ۽ جذبو ئي هوندو آهي.
You might also like