ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ”ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن خدا جي پڪڙ ٿيندي“.
نجي بينڪ کان قرض حاصل ڪري مورگيج گهر ٻي ڌر کي وڪرو ڪرڻ بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا.
جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جي روبرو نجي بينڪ کان قرض حاصل ڪري مورگيج گهر ٻي ڌر کي وڪرو ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان بينڪ سان سيٽلمينٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي ريمارڪس ڏنا ته درخواستگذار کي خدا جو خوف ناهي؟ جنهن گهر تي بينڪ کان قرض حاصل ڪيو اهو ڪنهن ٻئي کي کپائي ڇڏيو، هتي ته جوڙ ٽوڙ ڪندئو پر مٿي هڪ ٻي عدالت به آهي، اتي ڇا ڪندئو؟ ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن خدا جي پڪڙ ٿيندي.
نجي بينڪ جي وڪيل چيو ته درخواستگذار ايف بي ايريا جي گهر تي 2019 ۾ بينڪ کان 2 ڪروڙ رپيا قرض ورتو، بينڪ درخواستگذار سيد ڪاظم رضا جو گهر مورگيج رکيو هو، درخواستگذار مورگيج گهر ڪنهن پرائيويٽ شخص کي کپائي ڇڏيو ۽ بينڪ کي پيسا به ادا نه ڪيا.
درخواستگذار جي وڪيل چيو عدالت حڪم ڏئي ته جيڪا رقم ٺهي ٿي اها ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اڳ ۾ توهان گهر کپائي ڇڏيو هاڻ به عدالت توهان کي حڪم ڏئي؟ جيڪو ڪرڻو اٿوَ بينڪ سان گڏجي ڪيو، عدالت ۾ درخواست ڇو داخل ڪئي وئي؟
سنڌ هاءِ ڪورٽ 29 آڪٽوبر تي ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا.
”ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن خدا جي پڪڙ ٿيندي“: بينڪ جي قرض بابت ڪيس ۾ عدالت جا ريمارڪس
You might also like