اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي رولز 2025 کي سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي چئن ججن فل ڪورٽ اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو آهي، انهن انڪار ڪندڙ ججن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن، جن پنهنجي گڏيل خط ۾ چيو ته پهرين سپريم ڪورٽ رولز کي سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪيو ويو ۽ پوءِ انهن رولز ۾ تبديليون ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ سڏايو ويو آهي، فل ڪورٽ اجلاس اڳ ۾ ئي طئي ٿيل فيصلن تي صرف مُهر لڳائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي، چيف جسٽس کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 3 سيپٽمبر 2025 تي فل ڪورٽ اجلاس بابت آگاهه ڪيو ويو، فل ڪورٽ اجلاس سپريم ڪورٽ رولز 2025 ۾ ترميمن تي غور لاءِ رکيو ويو هو، پر ان فل ڪورٽ اجلاس بابت اسان جا تحفظات اهي ئي آهن، جيڪي بار بار ورجايا ويا آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته هن مرحلي تي فل ڪورٽ اجلاس سڏائڻ نه رڳو پريشان ڪندڙ آهي پر مقصد جي لحاظ کان به غلط آهي، 9 آگسٽ 2025 تي سپريم ڪورٽ رولز جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن کان صرف ٽن ڏينهن اندر ئي چيف جسٽس رولز ۾ ترميمن لاءِ تجويزون طلب ڪيون ۽ انهن تي غور لاءِ فل ڪورٽ اجلاس به سڏائي ورتو، هي ترتيب پاڻ ۾ تسليم ڪري ٿي ته اهڙن مباحثن لاءِ فل ڪورٽ ئي صحيح فورم آهي، پهرين رولز کي صحيح قرار ڏنو ويو، پوءِ انهن ۾ ترميمن لاءِ فل ڪورٽ سڏايو ويو، خط مطابق هي اجلاس اڳ ۾ جاري ڪيل رولز کي جواز ڏيڻ جي ڪوشش آهي، فل ڪورٽ جو اجلاس هاڻي رڳو هڪ رسمي ڪارروائي لڳي ٿو، فل ڪورٽ کي رڳو ڏيکاءُ لاءِ نه پر حقيقي صلاح مشوري ۽ اتفاق راءِ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي، آئين جي آرٽيڪل 191 تحت سپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهڻ جو اختيار صرف فل ڪورٽ کي حاصل آهي، ڪو به اڪيلو فرد يا ڪميٽي اهو اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي،هي قدم اجتماعي اختيار کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ رولز 2025 کي فل ڪورٽ اجلاس ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ نه ئي منظوري ورتي وئي، فل ڪورٽ جي طرفان غور ۽ منظوري کان سواءِ اهي رولز قانوني حيثيت حاصل نٿا ڪري سگهن، اسان جي راءِ ۾ اهي رولز غير قانوني ٿي چڪا آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين مناسب طريقيڪار اختيار نٿو ڪيو وڃي، تيستائين اسان فل ڪورٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو ڪو به سبب نٿا ڏسون، استدعا آهي ته اسان جا خدشا ۽ اعتراض فل ڪورٽ اجلاس جي منٽس جو حصو بڻايا وڃن، ۽ فل ڪورٽ اجلاس جا منٽس به عام ڪيا وڃن ته جيئن عوام ڄاڻي سگهي ته ججن جي غور و فڪر کان سواءِ عدالتي رولز ڪيئن منظور ڪيا ويا؟ خط ۾ چيو ويو آهي ته فل ڪورٽ جي اجلاس ۾ شفافيت لازمي آهي، عوامي اعتماد عدليه جو بنياد آهي ۽ شفافيت کان سواءِ ڪو به آئيني ادارو مؤثر طريقي سان ڪم نٿو ڪري سگهي.
اسلام آباد(بيورو) فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ رولز 2025 گڏيل طور تي منظور ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ جو 156هين فل ڪورٽ اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ڪئي، اجلاس ۾ عدالتِ عظميٰ جا معزز جج شريڪ ٿيا، پڌرائي۾ ٻڌايو ويو ته چيف جسٽس رولز ميڪنگ ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيو، ڪميٽي سپريم ڪورٽ رولز 1980 جو جائزو ورتو، ججن ۽ وڪيلن جي راءِ سان جامع مسودو تيار ڪيو، جڏهن ته جسٽس شاهد وحيد فل ڪورٽ کي رولز بابت بريفنگ ڏني، ساڳئي طرح فل ڪورٽ تفصيلي غور ويچار کان پوءِ اتفاق راءِ ڪيو، سپريم ڪورٽ رولز 2025 کي ”لِوِنگ ڊاڪيومينٽ“ قرار ڏنو ويو، رولز جو جائزو ۽ ترميمون وقت بوقت جاري رهنديون، فل ڪورٽ مختلف تجويزن ۽ مشاورت تي به اتفاق ڪيو، اهو به چيو ويو ته رولز ۾ ترميمن سان عدالتي فيسن ۽ سيڪيورٽيز ۾ آساني ٿيندي، ڪميٽي ججن ۽ وڪيلن جي سفارشن کي گڏيل شڪل ڏني، فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ رولز 2025 متفقه طور تي منظور ڪيا، رولز ۾ ترميم عدليه جي اداراتي فريم ورڪ کي مضبوط ڪندي، رولز جديد تقاضائن مطابق تيار ڪيا ويا آهن، اهي رولز متحرڪ، جوابده ۽ وقت جي ضرورتن سان هم آهنگ رهندا، اجلاس ۾ ڪورٽ فيس ۾ واڌ جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، فل ڪورٽ رولز ڪميٽي جون سفارشون جائزو وٺڻ بعد منظور ڪندي، اهو طئي ٿيو ته رولز فل ڪورٽ جي منظوري سان مشروط هوندا ۽ جتي ضروري هوندو اتي رولز ۾ ترميم ڪئي ويندي.