اصل سڌارا نه آيا،سپريم ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ لکين ڪيس رولڙي ۾

اسلام آباد(امتياز گل+عديل سرفراز)9مهينن ۾ آئيني بئنچ اڃا تائين آئين جي تشريح نه ڪري سگهي آهي،ان بئنچ رڳو ٽي فيصلا ڪيا آهن اهي به سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيلن جي سلسلي ۾ ڪيا ويا آهن انهن مان هڪ مخصوص سيٽن جو فيصلو واپس وٺڻ ۽ ٻيو سويلين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل کي جائز قرار ڏيڻ بابت هو،ان کانسواءِ آئيني بئنچ ڪهڙا فيصلا ڪيا آهن؟اهو سواليه نشان آهي،اها اميد ڪيئن ڪري سگهجي ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي هوندي؟نئين عدالتي نظام خلاف جج ڀلي اقليت ۾ هجن پر اهي هاڻي چيف جسٽس کي خط لکڻ ۽ تقريرون ڪرڻ تي مجبور آهن،جتي انهن کي موقعو ملي ٿو پنهنجا خدشا ظاهر ڪري ڇڏين ٿا پر چيف جسٽس آف پاڪستان جون ترجيحون مختلف آهن،چيف جسٽس سپريم ڪورٽ بار جي صدر جي استدعا تي هڪ فل ڪورٽ جو اجلاس ته گهرائي ڇڏي ٿو پر پنهنجي سينئر پيوني جج جسٽس منصور علي شاهه جي خط ۾ اٿاريل 6 نقطن مان ڪنهن هڪ جو به جواب ڏيڻ کان لاچار آهي،ڪالهوڪي تقرير ۾ به چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي سامهون ويٺل سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه کي اڻ سڌي ريت اهو ٻڌائي رهيو هو ته ”هاڻي مان پاور ۾ آهيان،مون وٽ نمبر پورا آهن“ ڪالهوڪي فل ڪورٽ اجلاس ۾ چئن ججن جي شرڪت کان انڪار تي هاڻي ميڊيا ۾ اهو لکيو ويندو ته سپريم ڪورٽ ۾ بغاوت ٿي چڪي آهي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي سپريم ڪورٽ مان ڪنهن ڪيس ۾ رليف ملڻ جو امڪان نظر نه پيو اچي،ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جو 2024-25وارو عدالتي سال ڪارو دور قرار ڏنو پيو وڃي،ججن پنهنجا اختيار به کڻي پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيا آهن،اداري کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ آئين اندر عدليه هڪ آزاد اداري بدران حڪومت ماتحت ادارو بڻجي وئي آهي،مستقبل ۾ به اونداهي نظر اچي رهي آهي،موجوده چيف جسٽس 26هين ترميم جي راهه ۾ جيڪي ٿوريون رڪاوٽون هيون اهي به هٽائي ڇڏيون آهن،26هين ترميم خلاف درخواستن کي سپريم ڪورٽ اڃا تائين نه ٻڌي سگهي آهي،ايڊهاڪ بنيادن تي اعليٰ عدليه هلي رهي آهي،چيف جسٽس پنهنجا اختيار واپس وٺڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه پيو وٺي نه ئي هو آئين جي تشريح ڪرڻ چاهي ٿو،هو رڳو عدليه ۾ نون سڌارن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي،هو پنهنجي برادر ججن جي اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ بدران رڳو هڪ سياستدان وانگر تقريرون ڪري رهيو آهي،اصل سڌارن بدران عدليه کي غيرضروري شين ۾ ڦاسايو ويو آهي،مثال طور 9 مئي جا ڪيس چيف جسٽس سامهون آيا هئاپر هن اهي ٻڌڻ کان به لنوايو،سپريم ڪورٽ کان وٺي هيٺين عدالتن  تائين لکين ڪيس التوا ۾ پيل آهن هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته 1860ع جو ڪرمنل جسٽس سسٽم تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڪيسن جو تڪڙو اڪلاءُ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ هاڻي مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪري ماڻهن کي سستو ۽ تڪڙو انصاف ڪيئن ملي سگهي ٿو؟هاءِ ڪورٽن ۽ ضلعي عدالتن مان اڌ عدالتن ۾  ته نه انٽرنيٽ نه ئي بجلي جي سهولت ميسر آهي،مدي خارج قانونن کي جاري ڇو پيو رکيو وڃي؟سياستدانن سان ملاقاتون ڪندڙ چيف جسٽس پارليامينٽ کي قانوني سڌارن بابت قانون سازي لاءِ ڇو نٿو چوي؟

  1. عدليه ۾ ٻيهر صف بندي،ججن ۾ اختلاف برقرار؟

اسلام آباد( عاصمه شيرازي)راڻا ثناءُالله خان پاران پاڪستان اندر نظام جو تسلسل جاري رهڻ واري بيان کان پوءِ هڪ پٺيان ٻي  هلچل شروع ٿي وئي،سڀ کان اهم خط آهي جسٽس اطهر من الله جو آهي، سوال اٿيو ته ڇا راڻا ثناءُالله جي "نظام جي تسلسل” واري بيان سان هي سموري عدالتي هلچل جڙي ٿي؟سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ڪراچي بار کي خطاب ۾ واضح  طور چيو هو ته ملڪ اندر هائبرڊ نظام آهي، يعني مڪمل آئينِي حڪومت موجود نه آهي۔ هن بيان کان پوءِ وڏي تنقيد ٿي، ماڻهن کيس ياد ڏياريو ته 2018 کان 2022 تائين جڏهن هائبرڊ ريجم هلي رهي هئي، تڏهن ڇو آواز نه اٿاريو ويو؟ان کان پوءِ عدليه اندر خط و ڪتابت شروع ٿي۔ سڀ کان اڳ هاءِ ڪورٽ جي ٻه ججن، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس اعجاز اسحاق خط لکيو، جنهن ۾ عدالتي عمل، موڪلن ۽ فيصلا نه ٿيڻ بابت سوال اٿاريا ويا۔ پوءِ جسٽس منصور علي شاهه ڇهن نڪتن تي ٻڌل ستن صفحن جو خط لکي ڇڏيو۔ هن به ڪيترن اهم سوالن تي اعتراض ڪيو، خاص طور تي 26هين آئيني ترميم بابت ڪيس کي فل ڪورٽ ۾ ڇو نه ٻڌو ويو۔اڄ نئين عدالتي سال جي شروعات تي، چيف جسٽس آفريدي خطاب ڪيو ۽ ججن جي اعتراضن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي۔ هن چيو ته عدالتي نظام کي ٽيڪنالاجي ذريعي موثر بڻايو پيو وڃي، ڪيسز جلد نمٽائڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي، ۽ عدليه اندر اصلاحات جاري آهن۔ هن سيڪيورٽي، پروٽوڪول ۽ ججن جي موڪلن بابت وضاحتون ڏنيون، پر 26هين  ترميم واري اهم نقطي تي سڌو جواب نه ڏنو۔ان سموري صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته عدليه ٻيهر صف بنديءَ ۾ ورهائجي رهي آهي۔ سپريم ڪورٽ اندر اختلاف موجود آهن، ۽ بار ڪائونسلز جا ايندڙ اليڪشن (آڪٽوبر-نومبر) به 26هين  ترميم واري بحث جو مرڪز بڻجي سگهن ٿا۔ امڪان آهي ته وڪيل برادري ان تي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.