ڊاڪٽر زيد پيرزادي جي ڪتاب ”مثبت سوچ“ تي هڪ نظر

تحرير: ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيو

زندگي هميشه سادي نه هوندي آهي، ان ۾ مشڪلاتون، ناڪاميون ۽ آزمائشون ضرور اينديون آهن. پر اصل ڳالهه اها آهي ته اسان انهن حالتن کي ڪهڙي نموني منهن ڏيون ٿا. مثبت سوچ اها قوت آهي جيڪا ڏکين حالتن کي به سکڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارن طريقن يا رستن ۾ تبديل ڪري ٿي. مثبت سوچ جو مطلب اهو ناهي ته مسئلن کي نظرانداز ڪجي يا حقيقت کان فرار ٿِجي، پر ان جو مطلب آهي اميد رکڻ، موقعن کي ڏسڻ ۽ مشڪلاتن کي سکڻ جو ذريعو سمجهڻ. اهو اهڙو رويو آهي جيڪو انسان کي حوصلو، اميد ۽ طاقت ڏئي ٿو. مثبت سوچ جا ڪيترائي فائدا آهن. سڀ کان پهرين اها ذهني سڪون ڏئي ٿي. مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو دٻاءُ، مايوسي ۽ پريشاني کي بهتر نموني منھن ڏين ٿا. ساڳي وقت تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته پُراُميد ۽ مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو وڏي عمر ماڻيندا آهن، سندن جسم ۾ رت جو دٻاءُ نارمل هوندو آهي ۽ سندن مدافعتي نظام وڌيڪ مضبوط هوندو آهي. مثبت سوچ وارا ماڻهو ٻين لاءِ سهائتا ۽ همدردي جو سرچشمو بڻجن ٿا، جنهن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. اهڙا ماڻهو ناڪاميءَ کي پڄاڻي نه پر سکيا جو ذريعو سمجهن ٿا، تنهنڪري هو جلدي ناڪاميءَ مان نڪري پاڻ کي سنڀالي وري اڳتي وڌن ٿا. ان سان گڏوگڏ مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو حل ڳولڻ تي ڌيان ڏين ٿا، جنهن ڪري هو مختلف جماعتن جا اڳواڻ، نوان خيال ڏيندڙ ۽ مسئلا حل ڪندڙ بڻجن ٿا.

هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته مثبت سوچ ڪيئن پيدا ڪجي؟ ان لاءِ ڪجهه ساديون عادتون اختيار ڪري سگهجن ٿيون. هر ڏينهن جي شروعات ۽ پڄاڻي شڪر ادا ڪرڻ سان ڪرڻ گهرجي، ڇو ته شڪرگذاري دل کي مطمئن ڪري ٿي. مشڪلاتن کي ڇو مون سان؟ بدران مان ان مان ڇا سکي سگهان ٿو؟ جي نظر سان ڏسڻ گهرجي. اهڙن ماڻهن سان وقت گذارڻ گهرجي جيڪي اميد ۽ همٿ ڏين. پنهنجي اندروني ڳالهه ٻولهه کي منفي بدران مثبت بڻائڻ لازمي آهي.  ان پسمنظر ۾ پروفيسر ڊاڪٽر زيد پيرزادي جو ڪتاب ”مثبت سوچ“ هڪ اهڙو اهم ڪم آهي، جيڪو نه رڳو مثبت سوچ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو پر ان کي سماج، تعليم، ادب، صحت، سماجي ميڊيا ۽ سياحت جهڙن موضوعن سان ڳنڍي بيان ڪري ٿو. ڪتاب جا مضمون پڙهندڙ کي اهو سيکارين ٿا ته مثبت سوچ رڳو ذاتي سطح تي نه پر سماجي ترقي ۽ اجتماعي ڀلائي لاءِ به ضروري آهي.

ڊاڪٽر زيد پيرزادي پيچيده خيالن کي سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن ڪري ڪتاب پڙهندڙن لاءِ ڪارآمد آهي. ھي ڪتاب پيڪاڪ پبليشرز، ڪراچي انور پيرزادو اڪيڊمي ڪراچي جي تعاون سان ھن سال 2025 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جا 167 صفحا آھن ۽ ھن جي قيمت 500 رپيا آھي.

ڪتاب ۾ سماجيات جي عنوان جي تحت 7 مضمون موجود آھن جن ۾ موجود ھر مضمون ۾ مثبت سوچ  نظر اچي ٿي ۽ اھڙي طرح ان سوچ کي ليکڪ مثالن ذريعي سمجھائي ٿو، جنھن سان سچ ۾ ھڪ نئين اميد پيدا ٿئي ٿي ۽ نئين جذبي سان نھ صرف زندگي گذارڻ پر سماج کي مثبت سوچ سان تبديل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. ڪتاب جو پھريون مضمون”سوچ الڳ پر منزل ساڳي ھوندي آھي“ ئي تمام گھڻو اتساھيندڙ آھي جيڪو اسان سڀني جي عملن ۽ سوڇن جي مختلف ھجڻ جي نشاندھي تھ ڪري ٿو پر ساڳي وقت اھا سوچ بھ پيدا ڪري ٿو تھ پنھنجي منزل تھ ھڪ آھي پوءِ فرق، ساڙ، حسد ڇو؟ جيڪڏھن ڪو سٺو ڪم ڪري ٿو، ڀلي ان سان نظرياتي يا ڪي ٻيا اختلاف ٿي سگھن پر ان جي سٺي ڪم جي تعريف تھ ڪجي تھ جيئن ان ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي. اھڙي طرح سماجيات جي عنوان تحت باقي مضمون بھ زبردست ۽ ھر مضمون ۾ ڪو نھ ڪو اھم نياپو موجود آھي. ڊاڪٽر زيد پيرزادي نھ صرف مسئلن کي ظاھر ڪيو آھي پر انھن مسئلن کي مثبت سوچ ذريعي حل ڪرڻ جو ڏانءُ بھ ڏئي ٿو جيڪو حقيقت پسند آھي ۽ جنھن ۾ ڪنھن بھ قسم جو وڌاءُ ڪو نه آھي.

ڪتاب جو ٻيو باب تعليم جي عنوان سان شروع ٿئي ٿو. جنھن جي شروعات ”سنڌ ۾ تعليمي نظام کي ڪيئن بھتر بڻائي ٿو سگھجي؟“ مضمون سان ٿيل آھي. ھي مضمون تعليم جي اھميت ۽ تعليمي نظام کي بھتر بڻائڻ جي طريقن کي مثبت سوچ بيان ڪري ٿو. ڪنھن بھ قسم جي بغض يا ساڙ کان ھٽي ڪري تنقيد ۽ حل کي پيش ڪيو ويو آھي ۽ حقيقت ۾ اھو ئي ترقي يافتھ سماجن ۾ ٿيندو آھي. سماج ترقي يافتھ تڏھن ٿيندا آھي جڏھن ڪم مثبت سوچ سان ڪيا وڃن. ھن باب ۾ 6 مضمون آھن جيڪي تعليم، نوڪرين اخلاق ۽ انٽيليڪچوئل پراپرٽي کي بھتر طريقي سان نھ صرف بيان ڪن ٿا پر پرھندڙ جي ذھن کي بھ مثبت بڻائين ٿا.

ڪتاب جو ٽيون باب سماجي ميڊيا جي عنوان سان لکيل آھي جيڪو تمام گھڻو آھي. ڊاڪٽر زيد پاڻ ھڪ مثبت سوچ رکندڙ عالم آھي تنھنڪري ھو ھر مضمون کي مثبت طريقي سان لکي ٿو. سماجي ميڊيا تي ھر قسم جا ماڻھو موجود آھن ۽ ھر ڪو پنھنجي سوچ ۽ نظريي مطابق سماجي ميڊيا جي پليٽفارم کي استعمال ڪري ٿو. پر ڊاڪٽر زيد ان پليٽفارم جي اھميت کي موجودھ دنيا جي گھرجن مطابق بيان ڪري ٿو ۽ مثبت سوچ، ڪردار ۽ عمل کي پنھنجي لکڻين ذريعي ظاھر ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. ھن باب جي شروعات ئي ”سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال“ جي عنوان سان لکيل مضمون سان ڪيو ويو آھي. اسان سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهھ لکون ٿا خاص ڪري اھي ماڻھو جيڪي ٻئي گھٽ ڏياکارڻ لاءِ لکن ٿا، انھن جي روين کي مثبت طريقي سان بيان ڪيو ويو آھي ۽ انھن رويئن جو ماڻھن تي ٿيندڙ اثرن کي بھ سٺي طريقي سان لکيو ويو آھي.  ھن باب ۾ 6 مضمون موجود آھي جي سوشل ميڊيا جي مختلف موضوئن تي لکيل آھن. سڀ جا سڀ مضمون مٽبت سوچ ۽ مثبت عمل تي لکي آھن.

ڪتاب جو چوٿون باب ادب جي عنوان سان لکيل آھي جنھن ۾ پڻ 6 مضمون لکيل آھن. ھن باب جو پھريون مضمون ”رسول ميمڻ جي ناول ڪتا تي تبصرو“ آھي ۽ آخري مضمون ادبي ميلن جو معيار آھي. سڀ جا سڀ مضمون مثبت سوچ يا آپٽيمزم کي وڌائڻ تي زور ڏين ٿا، جنھن سماج جي بناوٽ تبديل ٿي سگھي ٿي. ادب معاشري کي ان جي اصلي حالت ۾ ظاھر ڪري ٿو تنھنڪري ادب جي ڪنھن صنف جي پنھنجي جڳھ تي تمام گھڻي اھميت آھي. ڊاڪٽر زيد پيرزادي ان اھميت کي سمجھڻ ۽ ان کي سماج تي مثبت طريقي سان لاڳو ڪرڻ جي ڏانءُ اھڙي طريقي سان بيان ڪيو آھي جو پرھندڙ تمام گھڻو متاثر ٿئي ٿو. ھن باب ۾ تبصرا ۽ تجزيا بيان ٿيل آھن.

اھڙي طرح ڪتاب ۾ صحت ۽ سياحت جي عنوانن سان باب موجود آھن جن ۾ ڪيترائي اھم مضمون لکيل آھن جيڪي صحت ۽ سياحت جي باري ۾ نھ صرف اھم ڄاڻ مھيا ڪري رھيا آھن پر اسان کي ذميوار بڻائي رھيا آھن تھ جيئن اسان پنھنجي مثبت سوچ ذريعي انھن کي شعبن کي ترقي ڏياريون. اھڙي طرح حڪومت کي بھ پنھنجون ذميواريون مثبت طريقي سان نڀائڻ گھرجن تھ جيئن ملڪ ترقي ڪري ۽ سماج صحتمند ٿين.

نتيجي طور اهو چئي سگهجي ٿو ته مثبت سوچ زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي. اها اسان جي صحت، لاڳاپن، ڪاميابي ۽ خوشيءَ کي بهتر بڻائي ٿي. زندگيءَ ۾ مسئلا هميشه ايندا، پر اسان جو رويو ئي طئي ڪندو ته اسان ڪيتري قدر اڳتي وڌون ٿا. ڊاڪٽر زيد پيرزادي جو ڪتاب انهيءَ حقيقت کي خوبصورت نموني نروار ڪري ٿو ته ذهن باغ جهڙو آهي، جيڪڏهن منفي سوچن جا ٻج پوکبا ته ناڪارا ۽ نقصان ڏيندڙ ٻوٽا پيدا ٿينا ۽ وڌندا پر جيڪڏهن مثبت سوچن جا ٻج پوکبا ته خوشي، اميد ۽ ڪاميابيءَ جا گل کِلندا، جيڪي اسان جي زندگيءَ کي بھ ٻھڪندڙ ۽ خوشبودار بڻائيندا.  بقول زيد پيرزادي جي تھ ”مثبت سوچ کي جنم ڏيون جنھن سان مثبت معاشرو پيدا ٿيندو“. زرار پيرزادي ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکيو آھي تھ ” اچو تھ ھي ڪتاب پڙھي مثبت سوچ کي سمجھون، اھا سمجهھ حاصل ڪري پاڻ کي بھ مثبت بڻايون تھ پنھنجي سماج کي بھ مثبت سوچ ۾ تبديل ڪريون.“ مثبت سوچ جو مطالعو پڙهندڙ لاءِ علم، حوصلي ۽ نون خيالن جا در کوليندو. سماجي سائنسز سان دلچسپي رکندڙ، شاگرد، استاد، ليکڪ ۽ عام پڙهندڙ سڀني لاءِ هي ڪتاب هڪ قيمتي ذريعو ٿي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.