اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي بابت وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته سعودي عرب ويجهو سب ميرين ڪيبل ڪٽجڻ سبب پاڪستان جي ڪيئي علائقن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سُست ٿي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته انٽرنيٽ جي سستي جو ڪارڻ سعودي عرب واري پاسي آهي، جتي جدي ۾ انٽرنيشنل سب ميرين ڪيبل ڪٽجي وئي آهي.
هن چيو ته اسان لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ۽ جيئن ئي خبر پوندي ته ڪيبل ڪيستائين تائين ٺيڪ ٿيندي، پاڪستاني عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.
شزا فاطمه چيو ته ملڪ ۾ اصل مسئلو براڊبينڊ اسپيڪٽرم جي کوٽ جو آهي، جنهن لاءِ پي ٽي سي ايل اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اِهو صحيح آهي ته انٽرنيٽ جي سُستي سان ڪاروبار متاثر پيو ٿئي، پر عالمي ادارن طرفان ڪيبل جي مرمت جو وقت نه ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪيبل کي ڪهڙي قسم جو نقصان ٿيو آهي، ان جو جائزو ورتو پيو وڃي.
You might also like