ٻوڏ تي ڪنهن جو اختيار ڪونهي، برساتن به تباهي مچائي، پنجاب ۾ صورتحال بگڙي رهي آهي: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءَ کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال بگڙندي پئي وڃي، ڏکڻ پجاب جا علائقا به ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن ۽ برساتون به تباهي مچائي رهيون آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ متاثر برسات ۽ پاڻي سبب مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر حڪومت اهڙي وڏي آفت ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي، جنهن جي مثال ملڪي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، وزيراعليٰ مريم نواز تمام جلد وڏي رليف پئڪيج جو اعلان ڪرڻ ڪندي.
عظميٰ بخاري موجب، ٻوڏ سبب پنجاب هنيئر تائين 60 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، 4 هزار 335 ڳوٺ ۽ 42 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 18 لک 581 ايڪڙ زرعي ايراضي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، جنهن ڪري داليون ۽ ڀاڄيون مهانگيون ٿي ويون آهن، 21 لک ماڻهن سان گڏ ساڍا 15 لک چوپائي مال کي به محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جن علائقن ۾ ڊينگي جي شڪايتون آهن، اتي اسپري ڪرايو پيو وڃي، عوام انتظاميا سان سهڪار ڪري. جتي پاڻي لهڻ شروع ٿيو آهي، اتي انتظاميا جي اجازت کانسواءِ نه وڃن.
سڌ سماءُ واري وزير چيو ته چناب درياهه ۾ مٿاهين درجي جو ٻوڏ آهي، مظفر ڳڙهه ۾ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال سنگين آهي، چئن مهينن کان نه چوماسي برساتون ختم ٿيون آهن ۽ نه ئي ماڻهن جون پريشانيون گهٽجي رهيون آهن، ڏکڻ پنجاب جا علائقا مڪمل طور ٻڏي ويا آهن ۽ برساتون تباهي مچائي رهيون آهن.
عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته خان ٻيلو ۽ جلالپور وارن علائقن ۾ ايمرجنسي هئي، پر ماڻهو ٻوڏ کي سنجيدگي سان نه ٿا وٺن، ٻوڏ وهڪرو ڏسڻ يا تفريح جي شيءِ ناهي، پر ماڻهو وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري رهيا آهن ۽ پاڻي ۾ رانديون ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هاڻي ڊينگي به ڪُر کنيو آهي، عوام کي اپيل آهي ته ڊينگي کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فيوميگيشن به ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.