ڪرس گيل جو آءِ پي ايل دوران تذليل جو انڪشاف، ٽورنامينٽ ڇڏڻ جو ڪارڻ به ٻڌائي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان، هارڊ هٽر،” دي يونيورس باس“ ڪرڪيٽر ڪرس گيل آءِ پي ايل تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته کيس ڪنگز اليون پنجاب مئنيجمينٽ عزت نه ڏني، جنهن ڪري هن کي وقت کان اڳ رٽائر ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.
هڪ انٽرويوءَ دوران هن انڪشاف ڪيو ته پنجاب ڪنگز طرفان 4 سيزن کيڏڻ باوجود سندس معاهدو وقت کان اڳ ختم ڪيو ويو ۽ سينئر ڪرڪيٽر هئڻ باوجود ساڻس صحيح ورتاءُ نه ڪيو ويو.
ڪرس گيل پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو ته جڏهن توهان ڪنهن فرنچائز لاءِ گهڻو ڪجهه ڪريو ۽ ان جي بدلي ۾ عزت نه ملي، توهان سان ٻارن جهڙو رويو اختيار ڪيو وڃي، ته ڏک ٿيندو آهي.
هن چيو ته ” مون کي لڳو ته ڄڻ منهنجي ڪلهن تي هڪ عمارت جو بار آهي، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڊپريشن جو شڪار ٿيس ۽ دماعي صحت پئسي کان وڌيڪ اهم آهي.“
سندس چوڻ هو ته ”مان انيل کي ڪال ڪئي ۽ ساڻس مُنهان منهن ڳالهه ٻولهه ٿي، يقين ڪريو گفتگو دوران مان مايوس ٿي روئي ويٺس، مون کي انيل ڪمبلي مان وڏو ڏُک پهتو، مان سندس ٿورا مڃيا، مان ان وقت ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ به نه هوس.“
اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان جو چوڻ هو ته آءِ پي ايل ٽيم جي ڪپتان ڪي ايل راهولڪال ڪئي چيائين ته ” ڪرس تون هتي ترسڻ چاهين ٿو ته تون ايندڙ ميچ کيڏندي، مون چيوته ٻڌ! ٽيم جي سموري سٿ لاءِ نيڪ خواهشون، پوءِ مون پنهنجو سامان ٻڌو ۽ هليو ويس.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.