سون اگهه چوٽ چڙهي ويا، يڪدم هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ وڏي واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 6100 رپيا اضافي سان 3 لک 84 هزار رپين جو ويو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون جي قيمت به 5230 رپيا واڌ بعد 3 لک 29 هزار 219 رپيا ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 61 ڊالر مهانگو ٿيڻ سان 3613 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.