ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ۾ ۾ سڀاڻي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪندي شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير موجب، ڪراچي ۾ مِينهن وسائيندڙ سسٽم ڊيپ ڊپريشن جي شدت سان برقرار آهي، جيڪو سامونڊي طوفان ٺهڻ کان اڳ جو هڪ مرحلو هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته برساتي سسٽم ڌرتيءَ تي موجود آهي ۽ ان جو مرڪز ٿرپارڪر ۾ آهي، اهڙي شدت واري سسٽم دوران 60 کان 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي سگهن ٿيون.
ترجمان موجب، اِهو چوماسي طوفاني برسات جو سبب بڻجي سگهي ٿو، اڄ منجهند تائين ڪراچيءَ ۾ وسڪاري جو امڪان آهي، جڏهن ته سڀاڻي اِهو سسٽم شهر جي ويجهو کان گذرندو، جنهن سبب حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، انفرااسٽرڪچر جي خراب حالت سبب روڊن تي شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي بيهي سگهي ٿو، تنهنڪري شهري ڪمزور اڏاوتن کان پري رهن ۽ تيز مِينهن دوران گهرن مان ٻاهر نرڪڻ کان پاسو ڪن.
ترجمان موجب، ان سموري سموري اسپيل دوران ڪراچي ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي سگهي ٿي.
ڪراچيءَ ۾ سڀاڻي طوفاني برسات جي اڳڪٿي، شهري ٻوڏ جو خدشو، ماڻهو گهرن تائين محدود رهن: موسميات کاتو
You might also like