سنڌ ۾ ”سسٽم“ خلاف ڪارروائي،مک ڪارڻ ڪهڙا آهن؟

ڪراچي(حنيف دوامي+شڪيل نائچ)سنڌ ۾ حڪومت جي مخالفن پاران چيو پيو وڃي ته خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن تي پردو وجهڻ لاءِ حڪمران ڌر پاران ان قسم جي پروپيگنڊا ٿي رهي آهي، بلاول ڀٽو هن وقت وڏي وزير جي حمايت ۾ بيٺو آهي،ٻئي پاسي هڪ سينئر وزير وڏوزارت لاءِ اميدوار بڻجي بيٺل آهي،هن جون وڏين شخصيتن سان ملاقاتون هلي رهيون آهن پر گيم اڃا به سنڌ ۾ اهم عهدو ترين عهدو رکندڙ جي کيسي ۾ آهي،سيپٽمبر جو ٻيو ۽ ٽيون هفتو انتهائي اهم ٻڌايو پيو وڃي،هوڏانهن اهي به خبرون آهن ته وڏوزارت لاءِ ٻن سينئر وزيرن ۾ مقابلو شروع ٿي ويو آهي،ٻنهي وزيرن سنڌ کان وٺي پنڊي تائين پوري لابنگ شروع ڪري ڇڏي آهي،سنڌ ۾ اهم عهدو ترين رکندڙ جو به سسٽم آهي جيڪو فرنٽ مينن ذريعي هلي ٿو،ان سسٽم ۾ اڌ درجن سرڪاري آفيسر به شامل آهن جن ننڍا ننڍا ٽائوٽ مقرر ڪري رکيا آهن،پينشن فنڊ ۾ 80 ارب رپين جو غبن لڳو هو،ان ڪرپشن ۾ ملوث ٽريزري آفيسرن جا ڪيس نيب ڏانهن موڪليا ويا هئا سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ پاران انهن آفيسرن کي ناڻي وزارت تان هٽايو ويو هو، پر انهن آفيسرن خلاف ٻي ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ان معاملي جي اڃا تائين به ڪا به اڳڀرائي رپورٽ ناهي ملي ٻئي پاسي سنڌ ۾ وڏين شخصيتن جي فرنٽ مينن کي حراست ۾ وٺي پڇاڳاڇا بعد ڇڏيو ويو آهي،هڪ فرنٽ مين کي هڪ صوبائي وزير سان گڏ دبئي ويندي جهاز مان لاٿو ويو پر ان صوبائي وزير کي وڃڻ ڏنو ويو،جڏهن ته ذريعن موجب ايوان صدر ۽ طاقتور ڌرين آڏو سسٽم بابت متضاد خبرون پهچايون ويون جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ مشڪوڪ بڻجي ويو ۽ هاڻي هن جي تبديلي جون هوائون هلي پيون آهن،هو هن وقت چئني پاسن کان گهيري ۾ آهي ٻين سسٽمز جون شخصيتون به هن کان ناراض آهن،ذريعن موجب ٻوڏ جو مرحلو گذرڻ بعد هن جي مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 08 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.