ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي، ڄامشورو جي ايم سيد ايڊيفس تي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه، مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو سان ملاقات ڪري سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سائين زين شاه تي داخل ڪيل ڪوڙيون ايف آء آريون داخل ڪري سنڌ جي حقن جدوجهد کي چٿڻ لاءِ ڪيون ويون آهن سيد زين شاه مسلسل سنڌو درياء ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائي آهي ڪوڙين ايف آء آرين کي رد ڪيون ٿاهن چيو ته اسان سنڌ جي حقن جي لاءِ هلندڙ تحريڪ کان پوئتي نه هٽنداسين سنڌ هاري ڪاميٽي سيد زين شاه سميت سنڌ دوست ڌرين سان گڏ آهي، هن وقت سنڌ جي ماڻهن کي ڀرپور تحريڪ هلائڻ گهرجي