زين شاهه تي ڪيسن جي مذمت ڪريون ٿا:جونيئر ذوالفقار ڀٽو

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ جي سماجي اڳواڻ رضا محمد چانڊيو ۽ صوفي راڳي مانجهي فقير جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ستر ڪلفٽن ڪراچي ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار ڀٽو ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ تي داخل ٿيندڙ ڪيسن تي مذمت ڪندي  چيو آهي ته هميشه جيڪي ماڻهو جدوجهد ڪندا آهن انهن جي رستا روڪ ڪئي ويندي آهي اسان ايف آءِ آرن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان شهيدن جي گهراڻي مان آهيون جيلن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، هتي جيڪو حق جو آواز اٿاري ٿو ان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا هن وڌيڪ چيو ته فاطمه ڀٽو تمام جلد اچي رهي آهي جنهن جي اچڻ کان پوءِ هڪ وڏو اعلان ڪيو ويندو جنهن سان سياست ۾ نئين تبديلي نظر ايندي، وفد پاران جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي يقين ڏياريو ته اوهان سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي جيڪو آوازاٿاريندؤ اوهان سان گڏ هونداسين ان موقعي تي صوفي راڳي مانجهي فقير پاران سنڌ جو گيت ڳايو جنهن تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو رقص پڻ ڪيو، وفد ۾ خير محمد چنا، قربان عمراڻي، قاسم خاصخيلي، عطا محمد انڙ، ڪرم الله انڙ ، محمد ايوب آرائين ، عطاءَ الله ۽ ٻيا گڏ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.