”پاڻي اچڻ سان ڊيلٽا جي ماڻهن ۾ سرهائي “

ڪراچي/ ٺٽو (نمائندا) فوڪل پرسن ۽ صوبائي وزير عشر زڪوات سيد رياض حسين شاهه شيرازي، سنڌ ڪابينه جي ايم پي ايز جي وفد سان گڏجي ڪيٽي بندر جي انڊس ڊيلٽا جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. وفد ۾ ايم پي ايز سعديه جاويد، شازيه ڪريم سنگهار، رخسانه شاهه، تنزيلا قمبراڻي، سجاد احمد سومرو، مهيش ڪمار، اڳوڻو ايم پي اي سيد امير حيدر شاهه ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. وفد هوڙن ۽ لانچن ذريعي ڊيلٽا جي آخري ڳوٺ آٿرڪي پهتو، جتي سيد رياض حيسن شاهه شيرازي سنڌو درياهه ۾ آيل مٺي پاڻي بابت وفد کي تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي صوبائي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه ۾ مٺو پاڻي اچڻ سان ڊيلٽا جي ماڻهن ۾ وڏي خوشي پيدا ٿي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته مٺو پاڻي زيان ٿي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ هتي ان جي سخت ضرورت آهي، مٺي پاڻي اچڻ سان ماحولياتي نظام کي فائدو، مڇي ۽ جهينگن جي واپار ۾ واڌ ٿي آهي ۽ مهاڻن جا چهرا خوشي سان چمڪڻ لڳا آهن. سيد رياض حيس شاهه شيرازي وڌيڪ چيو ته هن وقت اڍائي کان ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ اچي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڇهه لک ڪيوسڪ به اچي ته به ڪو خطرو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.