ميرپورخاص: سنڌ گورنمينٽ پبلڪ لائبريري ۾ يوم دفاع جي حوالي سان شاندار پروگرام

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) سنڌ گورنمينٽ پبلڪ لائبريري ميرپورخاص جي انتظام هيٺ 6 سيپٽمبر 2025ع تي يوم دفاع پاڪستان جي مناسبت سان هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي.
تقريب جي شروعات قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ سان ٿي، جنهن بعد لائبريري ۾ موجود ڪتابن جي نمائش لڳائي ويئي.
ان موقعي تي ريلي پڻ ڪڍي ويئي ۽ شاگردن جوش ۽ جذبي سان قومي ترانا ۽ ملي نغما پيش ڪيا، جڏهن ته شاگردن ۽ استادن يوم دفاع جي حوالي سان جذباتي تقريرون پڻ پيش ڪيون.
تقريب ۾ ڊائريڪٽر سنڌ گورنمينٽ پبلڪ لائبريري شبير احمد لغاري، عامر خان جهنڊير، عبدالڪريم، اختر، محمد عمر جروار، خالد جروار، فيصل قريشي، لائبريري عملي، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.