چوماسيءَ جو طاقتور اسپيل، ڪراچي ۾ برسات، موسم خوشگوار، شهري ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چوماسي جي طاقتور اسپيل تحت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
موسميات کاتي موجب ڏکڻ اوڀر راجسٿان (ڀارت) مان سنڌ صوبي ۾ چوماسي هوائون مسلسل اثرانداز ٿي رهيون آهن.
ڪراچي ۾ اڄ شام کان 11 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان تيز هوائون ۽ گجگوڙ سان وچولي درجي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب شهري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.